تذڪره اميرخاني

تذڪره اميرخاني

تذڪره اميرخاني

تذڪره اميرخاني (ڪتاب ):هي ڪتاب، امير خاني ساداتن بابت آهي، اميرخاني ساداتن جو لڳ ڀڳ ٽن صدين تائين ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾، سنڌ تي اثر رهيو آهي. هن گهراڻي سياست کان سواءِ سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ تي به واضح اثر ڇڏيا آهن. هن خاندان جي حالتن تي هي مفصل ڪتاب پير حسام الدين شاهه راشديءَ تاليف ڪيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ ان کي 1961ع ۾ شايع ڪيو. مصنف کي هن ڪتاب لکڻ جو خيال تڏهن آيو، جڏهن پاڻ 1932ع ۾ بکر، سکر ۽ روهڙيءَ جا ڊٺل ۽ ڦٽل مقبرا، دريون ۽ ويران ٿيل مسجدون ۽ درگاهون ۽ روهڙيءَ ۾ سنڌوءَ جي ڪناري تي ”ستين جي آسٿان“ واري خوبصورت ۽ بناوٽ جي لحاظ سان غيرمعمولي حسين هنڌ تي زبون حال ٿيل ڏٺائين. ڪتاب جي آخر ۾ هن خاندان جي مقبرن ۽ لاڳاپيل آثارن جي تصويرن جو به چڱو تعداد ڏنو ويو آهي، جيڪي گهڻو ڪري پير حسام الدين شاهه راشديءَ پاڻ ڪڍيا هئا. هي ڪتاب سنڌي تذڪره نويسي جو هيءُ بهترين نمونو آهي. سنڌي ادبي بورڊ پهريون ڇاپو 1961ع ۽ ٻيو ڇاپو 2005ع ۾ ڇپايو آهي.


لفظ تذڪره اميرخانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو